حقاني علي محمد، مولانا

حقاني علي محمد، مولانا

حقاني علي محمد مولانا

حقاني علي محمد، مولانا: مشهور عالم، مولانا علي محمد حقاني ولد اميربخش سومرو، 1908ع ڌاري نئون ديرو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو خصوصي معتقد ۽ مريد هو. سندس والد امير بخش سومرو نئون ديرو کان لڏي اچي سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد عاقل ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو. مولانا علي محمد حقاني ابتدائي تعليم عاقل ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. فارسيءَ جي تعليم ڳوٺ سنهڙيءَ ۾ مولانا محمد ڪامل کان ڪريما، نام حق، پندنامه، گلستان، بوستان ۽ سڪندرنامه پڙهيائين. ان کان پوءِ ميرو خان ۾ مشهور عالم مولانا خوش محمد وٽ نحو مير، ماية عامل، شرح ماية عامل پڙهيائين. ناليوارو عالم علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عبدالعزيز ڀانڊوي ۽ جيد عالم مولانا عبدالله چانڊيو به سندس استاد رهيا. ديني تعليم حاصل ڪرڻ بعد آبائي ڳوٺ عاقل ۾ مدرسو کولي درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. ڇهه ست سال عاقل ۾ درس ڏيڻ بعد خيرپور ميرس جي هڪ ڳوٺ کرڙاهه ۾ مدرسو قائم ڪيائين. ان بعد ڳوٺ ٻرهون شاهپور چاڪر، ضلعي سانگهڙ، فيض گنج ۽ پڪا چانگ ۾ پڻ درس ۽ تدريس ڏنائين. بعد ۾ عاقل ۾ مدرسو هلايائين ۽ حڪمت جو دواخانو پڻ کوليائين. علي محمد حقاني عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان جو وڏو عالم هو. هن لاڙڪاڻي ۾ جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث نالي ديني مدرسو قائم ڪيو. بعد ۾ 1977ع ڌاري اداري جي توسيع لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ مدرسن جون مختلف شهرن ۾ شاخون کولرايائين. هن مدرسي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون هن وقت زير تعليم آهن، جن جي رهائش ۽ کاڌو پيتو اداري طرفان آهي.
علي محمد حقاني ڪيترو ئي عرصو لاڙڪاڻي ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلعي جو امير به رهيو. هي تحريڪ ختم نبوت ۽ تحريڪ نظام مصطفيٰ جو اڳواڻ به رهيو. سڄيءَ عمر درس ۽ تدريس ۾ گذاريائين. سندس هزارين شاگرد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ توڙي ملڪ کان ٻاهر دين جي خدمت ۾ مصروف آهن. سندس شاگردن ۾ ڪوئٽا، بلوچستان جو شيخ الحديث مولانا عبدالقادر، مولانا علم الدين خضدار جو مولانا عبدالقادر، قلات جو سيد محمد صديق قابل ذڪر آهن.
هن ڪيترائي سنڌي ديني ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ آئينده اعتقاد مدلل (سنڌي) ۽ نماز جي مسئلن تي مشتمل نبوي نماز مدلل وڏي مقبوليت ماڻي. هن مسند امام اعظم جو سنڌي ترجمو پڻ ڪيو. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ قرآن شريف جو تفسير پڻ لکيائين. هي نامور عالم 11 اپريل 2011ع تي وفات ڪري ويو. کيس چئن پٽن ۽ ٽن ڌيئرن جو اولاد هو. ناليوارو عالم ۽ سينيٽر مولانا ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سندس پٽ آهي. سندس نالي سان قائم مدرسو لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي نگرانيءَ ۾ هلي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو